زخمي پبليڪيشن ڊکڻ

زخمي پبليڪيشن ڊکڻ: زخمي پبليڪيشن جو بنياد ناليواري مزاحمتي شاعر زخمي چانڊيي جي شهادت کانپوءِ 2001ع ڌاري سندس پونيرن رکيو. هن پبليڪيشن جو سرپرست ناليوارو شاعر سرڪش سنڌي هو. جڏهن ته چيئرمين نوجوان شاعر خالد زخمي چانڊيو آهي. هن پبليڪيشن طرفان ناليواري شاعر سرڪش سنڌي جي ڪتابن: جوڻيون جيءَ جهان جون (ٻه جلد) ’سچ ٿا مرد چون‘ ۽ ’زندگيءَ جي گونج‘ سميت ڪيترن شاعرن ۽ شاعرائن جا ڪتاب ڇپايا آهن، جن ۾ ناياب سرڪش جو ڪتاب ’مون ۾ آهين تون‘، مٺل چانڊيي جو ڪتاب ’منزل کان اورتي‘ وغيره شامل آهي. هن پبليڪيشن طرفان اشاعت جو سلسلو جاري آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو